دست جُلاب

دست/ جُلاب (Diarrhoea): دست، پيٽ جي هڪ اهڙي بيماري آهي، جيڪا اوچتو ٿي پوندي آهي، ٻارن توڙي وڏن ۾ هيءَ بيماري مختلف سببن جي ڪري ٿي سگهي ٿي. ان جا ڪيترائي ڪارڻ آهن، جهڙوڪ: خراب کاڌويا گرمي لڳڻ، موسم جي اوچتي ڦيرگهير، خشڪ، تر ۽ غير هضم کاڌو کائڻ، ڪچو، گهڻو پڪل يا پاروٿو کاڌو کائڻ يا بي وقتو کاڌو کائڻ، ڪچو اڻ پڪل فروٽ يا گهڻو پچي راس ٿيل فروٽ کائڻ، ترش ميوو کائڻ، گهڻي مقدار ۾ سوڍا واٽر يا مختلف بوتلون (Beverages) پيئڻ (جن ۾ مختلف قسمن جا تيزاب هوندا آهن)، گهڻي مقدار ۾ شربت پيئڻ، گرميءَ ۾ گهٽ پاڻي پيئڻ يا اڻ ڇاڻيل ۽ گدلو پاڻي پيئڻ، چانهه ۽ ڪافي گهڻي واپرائڻ (خاص ڪري نيراني ۽ بکئي پيٽ واپرائڻ) گرميءَ جي موسم ۾ هر قسم جو وڏو گوشت کائڻ يا پاروٿو گوشت کائڻ، صفائي سٿرائي، بنا رڌل ديڳ جو ڀت کائڻ، ڪباب، برگر، پيٽيز، تريل شيون ۽ گهڻن مصالحن واريون شيون کائڻ، معدي ۽ پيٽ جي بيمارين جي علاج لاءِ طاقتور اينٽي بايوٽڪ دوائون واپرائڻ وغيره شامل آهن. جڏهن ته دستن جي بيماريءَ جا ڪجهه ٻيا به ڪارڻ به آهن، جن ۾ نفسياتي ذهني بيماريون، احساسن جي اوچتي تبدليي جهڙوڪ: گهڻي ڪاوڙ، مايوسي، ڊپ ۽ غير معمولي خوشي ۽ ڇرڪ ڀرڻ وغيره. جن ٻارن کي ڏند نڪرندا هجن ته ڏند نڪرڻ وقت قدرتي طرح ٻارن جي ڦَدين ۽ مَهارُن ۾ خارش ٿيندي آهي. ان خارش کي لاهڻ لاءِ ٻار پَٽ تان سخت شيون ڀتر، پَٿريون، ڀتين مان مٽي ۽ سيمينٽ جا چاپڙ وغيره روڙي انهن کي چڪ هڻندا آهن يا کائي به ڇڏيندا آهن. جيوڙا ٻارَ جي پيٽ ۾ وڃڻ سان ٻارڙن کي دست ٿي پوندا آهن. جڏهن پنڌ سکندڙ ٻار کٽن جي پاون کي جهلي بيهندا آهن ۽ مهارن جي خارش لاهڻ لاءِ ڪڏهن کٽ جي پاون ۾ چڪ هڻندا آهن ته ڪڏهن کٽ جي واڻ کي چڪ هڻندا آهن. اهڙيءَ ريت وڏا ٻارَ جيڪي اسڪول ۾ پڙهندا آهن، سي پينسلن جا گورا، چاڪ ۽ ميٽ کائيندا آهن ته کين به دست ٿي پوندا آهن. وڏا اسڪولي ٻارَ چَٽڻيون ۽ غير معياري شيون کائيندا آهن، ڪچا پڪا برگر، پيٽيز، فاسٽ فوڊ، تريل شيون، طرح طرح جون بوتلون پيئڻ، گهڻا چاڪليٽ، ٽافيون، ڪيڪ ۽ پيسٽريون کائڻ سندن روز جي عادت هوندي آهي. اهڙيون بازاري ۽ غير معياري شيون کائڻ ڪري ٻارن جو معدو ۽ پيٽ هميشه خراب هوندو آهي، جيڪو اوچتو دستن ٿيڻ جو سبب بڻبو آهي. بانبڙا پائيندڙ ٻارن جي هٿن ۾ مٽي ۽ جراثيم ان بيماريءَ جو باعث بڻجن ٿا.
ڪيترا ٿڃ پاڪ ٻارَ مائرن جي جسماني بيمارين، ٿڃ خراب هجڻ، مائرن جي ڪوتاهين جي ڪري دستن جي بيماريءَ جي ور چڙهي ويندا آهن. ڪيتريون مائرون پنهنجن ٻارن کي ٿڃ ڌارائڻ کان اڳ ۾ ۽ پوءِ پنهنجي ٻنڊين (Nipples) کي ڌوئي، صاف نه ڪنديون آهن، جنهنڪري اڳ ڌارايل ٿڃ جي رهيل ڦڙن يا پگهر جي ڪري ٻنڊين جي چوڌاري جيوڙا (Bacteria) پيدا ٿيڻ يا وري ماءُ جي جسم جي جيوڙن جو ماءُ جي ٻنڊين جي چوڌاري گڏ ٿيڻ ڪري ٿڃ ڌارائڻ مهل اُهي جيوڙا ٻار جي پيٽ ۾ هليا ويندا آهن ۽ ٻار کي اسهال ٿي پوندا آهن. ان کانسواءِ ٻارن لاءِ وڏي ۾ وڏو دستن ٿيڻ جو ڪارڻ کير وارو فيڊر (Feeder) آهي. فيڊر ۾ رهيل کير جي پاروٿي ٿيڻ يا کير ڦٽي وڃڻ ڪري جڏهن اهو کير ٻار پيئندو آهي ته ان کي دست ٿي پوندا آهن. ان کان سواءِ فيڊر جي نپل جي چوڌاري رهيل کير ۾هوا ۽ مٽيءَ مان جيوڙا اُڏامي اچي نپل کي چنبڙي پوندا آهن، يا نپل تي مکيون ويهڻ ڪري جيوڙن سان ڀرجي وڃڻ قدرتي ڳالهه آهي، ۽ پوءِ اهڙي اڻ ڌوتل نپل وارو کير پيئڻ ڪري جيوڙا ٻار جي پيٽ ۾ هليا ويندا آهن ۽ ٻارن کي ٻين بيمارين سان گڏ دست به ٿيو پون. دستن جي ڪري جسم مان پاڻياٺ گهٽجي ويندي آهي، ان جو تڪڙو علاج نمڪول (ORS) سان ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽرن جي صلاح سان علاج ۽ مناسب کاڌي سان ان بيماريءَ کان بچي سگهجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو